ڪراچي: ڪي اليڪٽرڪ چيو آهي ته جيڪڏهن شهر جي ڪنهن به علائقي ۾ گرمي پد 45 ڊگري محسوس ٿيو ته اتي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي.
ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ آف ڊسٽريبيوشن آپريشنز خرم عبدالله چيو ته هيٽ ويو سبب ڪي اليڪٽرڪ مينٽيننس شٽ ڊائونز معطل ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ محسوس ڪيل گرمي پد 45 ڊگري تائين پهچي ٿو ته اتي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي.
ٻئي طرف موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن جي دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. سومر تي سڀني کان وڌيڪ گرمي پد تربت ۽ مٺي ۾ 45 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪراچي، سکر، سبي، لسبيله ۽ ٺٽي ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته ڊيره غازي خان، ملتان، بهاوالپور 40، لاهور 37، اسلام آباد، ڪوئٽه 34 ۽ پشاور ۾ 33 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔