اسلام آباد: پاڪستان ۾ سال 2025 دوران تشدد جي واقعن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو، عورتن جي سائبر حراسمينٽ جا 2 هزار 586 واقعا ٿيا جڏهن ته 470 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون ويون.
هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سال 2025 ۾ انساني حقن تي ٻڌل سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب سال 2025 ۾ پاڪستان بنيادي حقن کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان 143 ملڪن ۾ 130هين نمبر تي رهيو. موت جي سزا جي شرح ۾ به اضافو ٿيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2025 ۾ هڪ هزار 271 دهشتگرد حملن ۽ دهشتگري جي خاتمي واري ڪارروائين ۾ 3 هزار 417 فوتگيون ٿيون. 2 هزار 134 ماڻهو زخمي ٿيا.
ايڇ آر سي پي جي سالياني رپورٽ موجب سموري ملڪ ۾ هڪ هزار 155 پوليس مقابلن ۾ هڪ هزار 696 ماڻهو مارجي ويا. انهن ۾ سي ٽي ڊي پنجاب جي هڪ هزار 128 انڪائونٽرز دوران 977 ماڻهو مارجي ويا. جيلن ۾ تعداد کان وڌيڪ قيدين جي شرح 171 سيڪڙو تائين پهتي.
ايڇ آر سي پي جي رپورٽ موجب پرڏيهي ملڪن ۾ 21 هزار 600 پاڪستاني شهري قيد آهن، ڀارتي جيلن ۾ 738 پاڪستاني آهن جن ۾ ماهيگير به شامل آهن.
عالمي جينڊر گيوپ انڊيڪس ۾ پاڪستان 148 ملڪن مان 145هين نمبر تي رهيو. منفي تشدد جي واقعن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو. گهريلو تشدد جي واقعن ۾ هڪ هزار 332 عورتن کي قتل ڪيو ويو. زيادتي جا 3 هزار 815 ڪيسز سامهون آيا. عورتن جي سائبر حراسمينٽ جا 2 هزار 586 واقعا پيش آيا جڏهن ته 470 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون ويون.
رپورٽ موجب ٻارن تي تشدد جا 3 هزار 600 ڪيسز رپورٽ ٿيا. اغوا جا هڪ هزار 107 ڪيسز رپورٽ ٿيا. 365 ٻار گم ٿيا، ننڍي عمر جي شادي جا 53 ڪيسز رپورٽ ٿيا، ٻارن سان زيادتي جا 52 ڪيسز فحش مواد سان جوڙيل هئا.
رپورٽ موجب سال 2025 ۾ 19 ٽرانس جينڊر قتل ٿيا، 2 تي تيزاب اڇلايو ويو، خيبرپختونخواهه ۾ سڀني کان وڌيڪ 10 ٽرانس جينڊر قتل ٿيا، 13 کي جنسي تشدد جو نشانو بنايو ويو. ايڇ آر سي پي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2025 ۾ وڌيڪ لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا.
تبصرے بند ہیں۔