ڪراچي ۾ گرم ترين ڏينهن: محسوس ٿيندڙ گرمي پد 50 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي:  ڪراچي ۾ اڄ ڇنڇر جي ڏينهن سخت گرمي پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن سبب شهر ۾ اڄ گرم ترين ڏينهن رڪارڊ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسم بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن جمعي تي به گرمي جي شدت پنهنجي عروج تي رهي، محسوس ڪيل گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جڏهن ته رات جي وقت ۾ به هوا نه هجڻ سبب حبس برقرار رهيو. ماهرن ٻڌايو ته اڄ شهر ۾ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته ڏوراهين علائقن ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين به پهچي سگهي ٿو. پر هوا جي رفتار گهٽ ۽ نمي جو تناسب وڌيڪ هجڻ سبب ٻنپهرن جي وقت محسوس ڪيل گرمي پد 49 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

اهڙي طرح شام جي وقت سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ سبب موسم ۾ جزوي بهتري جو امڪان آهي، پر رات جو هڪ دفعو ٻيهر  هوا جي رفتار گهٽ هجڻ سبب حبس جي ڪيفيت برقرار رهي سگهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ شهرين کي سخت گرمي ۽ نمي سبب پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو.

ماهرن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته انهي گرم موسم ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪيو وڃي، اس ۾ وڌيڪ دير تائين رهڻ کان پاسو ڪريو. ٻارن ۽ بزرگن جو خاص خيال رکڻ جي به تاڪيد ڪئي وئي آهي ته جيئن سخت گرمي جي اثرن کان محفوظ رهي سگهجي.

 

تبصرے بند ہیں۔