ڪراچي: نڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي وچولي ۽ مٿانهين ضلعن ۾ سخت گرمي ۽ هيٽ ويو جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي موجب ڄامشورو، دادو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي ۽ سانگهڙ هن وقت ويو جي لپيٽ ۾ آهن جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير انهن ضلعن جي ضلعي انتظاميه کي فوري طور تي هيٽ ويو، رليف ڪيمپس قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ جي مريضن لاءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي.
هن چيو ته عوام کي اپيل آهي ته سخت گرمي جي دوران غير ضروري طور تي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ٻاهر نڪرڻ وقت مٿو ڍڪي رکو، پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪريو ۽ جيترو ممڪن ٿي سگهي ڇانءُ ۾ رهو. جڏهن ته اس ۾ ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔