آمريڪا مقصد حاصل ڪرڻ تائين ايران جنگ کان ٻاهر نه نڪرندو: ٽرمپ

واشنگٽن:   آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران سان جاري جنگ جا مقصد حاصل ڪرڻ تائين ٻاهر نه نڪرندو.

فلوريڊا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا هن وقت تڪرار مان نڪري ويو ته مسئلو ڪجهه سالن کان پوءِ ٻيهر پيدا ٿي سگهي ٿو انهي لاءِ جيستائين مقصد حاصل نٿا ٿي وڃن ايران جنگ کان جلد ٻاهر نٿو نڪري سگهي.

آمريڪي صدر هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ايران کي نه روڪيو وڃي ها ته اسرائيل ۽  يورپ کي خطرا پيش اچي سگهيا ٿي، پنهنجي خطاب ۾ صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران جي بحريه، فضائيه ۽ قيادت کي سخت نقصان پهچي چڪو آهي. هن چيو ته ايران جي اعليٰ قيادت ختم ٿي چڪو آهي. انهي تي افسوس آهي پر اهي عناصر خطرناڪ هئا.

ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو ايران جي معاملي تي انهي وقت تائين وڌيڪ ڳالهائڻ نٿو چاهي جيستائين ڪارروائي مڪمل نه ٿي وڃي ۽ اهو به ته اهي قدم ماضي جي آمريڪي صدر کي اڳ ئي کڻڻ گهرجن ها. هن آبنائي هرمز جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته اتي هن وقت تيل سان ڀريل تقريبن 400 بحري جهاز موجود آهن جيڪڏهن رستو کلي وڃي ها ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي. صدر ٽرمپ واضح ڪيو ته آمريڪا تڪڙ ۾ تڪرار ختم نٿو ڪرڻ چاهي ته جيئن مستقبل ۾ ٻيهر بحران پيدا نه ٿئي.

تبصرے بند ہیں۔