پي ايس ايل: ڪواليفائر لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ مداح رُلي ويا

ڪراچي: پي ايس ايل 11 جي ڪواليفائر جي لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪرڻ ڪوشش ڪندڙ رلي ويا. تفصيل موجب نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي سامهون چائنا گرائونڊ ۾ سوين ماڻهو ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڱاري تي اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪواليفائر ميچ جي لاءِ لاڳاپيل اداري جي تحت فزيڪل ٽڪيٽ وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

موقعي تي موجود ڪرڪيٽ جي مداحن جو چوڻ آهي ته اهي صبح جو 8 وڳي کان چائنا گرائونڊ پهچي ويا هئا، لاڳاپيل ذميوارن طرفان صبح 10 وڳي کان ٽڪيٽ وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر مقرر وقت گذري وڃڻ جي باوجود لاڳاپيل ادارا جي باڪس آفيس تي ڪوبه ماڻهو موجود نه آهي. ميچ ڏسڻ جي خواهشمندن لاءِ ٽڪيٽ دستياب نه آهن.

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملي کي لاڳاپيل اختيارين تائين پهچايو ويو آهي، اختيارين طرفان ٽيڪٽس جي جلد فراهمي جو يقين ڏياريو ويو آهي. ياد رهي ته ڪواليفائر ميچ شام جو 7 وڳي کان شروع ٿيندو.

 

تبصرے بند ہیں۔