29 ڪيس: بشريٰ بي بي جي عارضي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 26 نومبر جي احتجاج سان لاڳاپيل 29 ڪيسن ۾ بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 18 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي جج امجد علي شاهه ڪئي، جنهن ۾ بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيل فيصل ملڪ ۽ قانوني ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسرن جي غير موجودگي سبب ڪارروائي اڳتي نه وڌي سگهي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسرن جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن

تبصرے بند ہیں۔