اسلام آباد: ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سينٽ پينٽرز برگ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري ڳالهين واري عمل ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي پر مڪمل ڪاميابي اڃآن باقي آهي.
هن ٻڌايو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٽياڪڙي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطي ۽ ڳالهين جي عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ مدد ملي.
عباس عراقچي موجب ماضي ۾ ڳالهين ۾ ناڪامي جو وڏو سبب آمريڪا جون غلط پاليسيون ۽ حد کان وڌيڪ مطالبا هئا، جنهن ڪنهن حتمي معاهدي تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ وڌي.
هن چيو ته تازو ٿيل ملاقاتن ۾ ماضي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ آئنده ڳالهين جي طريقيڪار ۽ امڪاني شرطن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته هو روسي صدر پيوٽن سان ملاقات ڪندو، جيڪا موجوده جنگي صورتحال ۽ خطي جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ جو اهم موقعو هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته ايران ۽ روس جي وچ ۾ علاقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي مشاورت جاري آهي، موجوده حالتن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطو ۽ هم آهنگي نهايت اهميت اختيار ڪري چڪي آهي. ماهرن موجب ايران، روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ سفارتي سرگرميون خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ امڪاني معاهدي جو رستو سڌو ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهن.
تبصرے بند ہیں۔