نيٺ آمريڪا ايراني ڊرون روڪڻ لاءِ يوڪرين کان مدد ورتي

ڪراچي: آمريڪي فوج گذريل ڪجهه هفتن دوران سعودي عرب جي هڪ اهم آمريڪي هوائي اڏي تي يوڪرين جي اينٽي ڊرون ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، رائٽر کي اهڙي ڳالهه پنج ماڻهن ٻڌائي آهي جن کي هن معاملي جي ڄاڻ آهي۔ اهو قدم انهن حملن کي روڪڻ لاءِ کنيو ويو آهي، جن ۾ جهازن ۽ عمارتن کي تباهه ڪيو ويو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ فوجي اهلڪار مارجي ويو۔
يوڪرين جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول پليٽفارم “اسڪائي ميپ” کي پرنس سلطان ايئر بيس تي لڳائڻ، جنهن جي اڳ ۾ خبر نه هئي،اهو ڏيکاري ٿو ته يوڪرين جي فوج ڊرون ۽ اينٽي ڊرون ٽيڪنالاجي ۾ ڪيترو اڳتي وڌي چڪي آهي، جيڪي روس سان چار ساله جنگ دوران آزمائشون ٿيون آهن۔
گذريل هفتن ۾ يوڪرين جا فوجي عملدار ان بيس تي پهتا ته جيئن آمريڪي فوجين کي “اسڪائي ميپ” استعمال ڪرڻ جي تربيت ڏين۔ هي سسٽم يوڪرين جي فوج طرفان وڏي پيماني تي استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن ايندڙ ڊرون خطرن، جن ۾ ايران جي ٺاهيل شاهد ڊرون به شامل آهن،کي سڃاڻي سگهجي ۽ انٽرسيپٽر ڊرون ذريعي جوابي ڪارروائي ڪئي وڃي۔
جڏهن ته سستا ۽ وڏي تعداد ۾ ٺهندڙ ڊرون روس-يوڪرين جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پينٽاگون اينٽي ڊرون ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري وڌائي ڇڏي آهي۔ پر پرنس سلطان بيس تي يوڪرين جي ٽيڪنالاجي جو استعمال، جيڪو ايران کان لڳ ڀڳ 400 ميل (640 ڪلوميٽر) پري آهي ۽ جنگ جي شروعات کان وٺي ڊرون ۽ ميزائل حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي. تجزئي نگارن موجب آمريڪي هوائي ۽ ميزائل دفاعي نظام ۾ ڪمزورين کي ظاهر ڪري ٿو۔
واشنگٽن جي هڊسن انسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل سينيئر ماهر ٽيموٿي والٽن چيو ته: “دنيا جي مختلف علائقن ۾ آمريڪي هوائي ۽ ميزائل دفاع ۾ گهڻي عرصي کان خال موجود آهن۔ اهو مسئلو سمجهيو ويو آهي، پر ان کي حل نه ڪيو ويو آهي.”
“اسان کي انهن جي مدد جي ضرورت ناهي”
هي صورتحال ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن هڪ مهينو اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلينسڪي طرفان ايران جي ڊرون حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هو۔ ٽرمپ 6 مارچ تي فاڪس نيوز کي چيو: “اسان کي ڊرون جي دفاع ۾ انهن جي مدد جي ضرورت ناهي.”
رائٽرز موجب هنن وائيٽ هائوس ۽ پينٽاگون سوالن کي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ڏانهن موڪليو، جيڪا پرنس سلطان بيس جي نگراني ڪري ٿي، پر هن ڪمانڊ تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔
“اسڪائي ميپ” جي مالڪ يوڪرين جي ڪمپني “اسڪائي فورٽريس” به تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، جڏهن ته زيلينسڪي جي آفيس به ڪنهن راءِ ڏيڻ لاءِ جواب نه ڏنو۔
گذريل مهيني پينٽاگون جي اينٽي ڊرون يونٽ اعلان ڪيو ته آپريشن “ايپڪ فيوري” جي حمايت ۾ ڊرون خلاف دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 350 ملين ڊالر مختص ڪيا ويا آهن۔ يونٽ جي ترجمان ايڊم شر موجب، نيون ٽيڪنالاجيون، جن ۾ سينسر، ڪيمرا ۽ انٽرسيپٽر شامل آهن، فراهم ڪيون پيون وڃن۔
يوڪرين جي فوج طرفان “اسڪائي ميپ” جو استعمال
ذريعن موجب “اسڪائي ميپ” يوڪرين جي فوج لاءِ هڪ اهم ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول پليٽفارم بڻجي چڪو آهي۔ اهڙي قسم جا پليٽفارم عام طور تي نقشا ۽ وڊيو فيڊز تي ٻڌل هوندا آهن، جيڪي ريڊار ۽ سينسرن مان ڊيٽا گڏ ڪري ايندڙ خطرن جي سڃاڻپ ڪندا آهن۔
“اسڪائي فورٽريس” ڪمپني، جيڪا “اسڪائي ميپ” تيار ڪري ٿي، 2022 ۾ يوڪرين جي انجنيئرن طرفان قائم ڪئي وئي، جن جو فوج سان لاڳاپو هو۔ هنن يوڪرين ۾ 10,000 کان وڌيڪ آواز سڃاڻڻ وارا سينسر لڳايا ته جيئن روسي ڊرون حملن کي سڃاتو وڃي۔
ڪمپني، جنهن کي يوڪرين جي فوج جي انوويشن يونٽ “بريو1” کان مالي مدد ملي، “اسڪائي ميپ” کي هڪ سافٽويئر پليٽفارم طور تيار ڪيو ته جيئن اينٽي ڊرون ڪارروائين کي منظم ڪري سگهجي۔

تبصرے بند ہیں۔