لاهور: قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ ڪراچي پشاور کان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. اڄ ڪپتان ڊيوڊ وارنر ۽ اغظم خان به کيڏي رهيا آهن. اننگ جي شروعات وارنر ۽ جيسن راءِ ڪئي. پنجين اوور ۾ 35 جي اسڪور تي علي رضا ڊيوڊ وارنر کي بولڊ ڪري ڇڏيو، هن 13 بالن تي 11 رنز ٺاهيون. پاور پلي ختم ٿيڻ تي ڪراچي جو اسڪور 55 هو. سلمان آغا به 12 رنز ٺاهي ايرون هارڊي جي بال تي باسط علي هٿان ڪيچ ٿي ويو. ريضا هينڊرڪس آيو، جيڪو به صفيان بال تي 16 بالن تي 13 رنز ٺاهي ڪيچ ٿي ويو. ان دورن جيسن راءِ ففٽي مڪمل ڪئي. 15اوور ۾ صفيان جي بال تي امپائر اعظم خان کي آئوٽ ڏنو، هن رويو ورتو ته ناٽ آئوٽ رهيو، ان کان اڳ هن صفيان کي بيڪ ٽو بيڪ 2 ڇڪا هنيا هئا. اعظم خان 19 بالن تي 3 ڇڪا ۽ 3 چوڪا هڻي 35 رنز ٺاهي افتخار جي بال تي فرحان يوسف هٿان ڪيچ ٿي ويو. جيسن راءِ 51 بالن تي 85 رنس ٺاهي باسط جي بال تي جيمز وينس هٿان ڪيچ ٿي ويو، هن2 ڇڪا ۽ 11 چوڪا هنيا. جنهن بعد خوشدل ۽ عباس آفريدي اسڪور اڳتي وڌايو. علي رضا جي آخري اوور ۾ عباس آفريدي رن آئوٽ ٿي ويو ۽ اڳئين بال تي خوشدل 2 رنز ورتا پر هو هٽ وڪيٽ ويو، پنجين بال تي شاهد عزيز بولڊ ٿي ويو. ڪراچي جا 182 تي 8 آئوٽ ٿي ويا. آخري بال کيڏڻ حسن علي آيو ۽ علي رضا هيٽ ترڪ تي هو. ۽ هن هيٽ ٽرڪ ڪري ورتي. ڪراچي 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز ٺاهيون.
تبصرے بند ہیں۔