حڪومت ۽ آءِ ايم ايف نئين آٽو پاليسي تي متفق

اسلام آباد:  حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ نئين آٽو سيڪٽر پاليسي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن کي حڪومت هن مهيني آخري شڪل ڏيندي ۽ منظوري لاءِ آءِ ايم ايف ڏانهن موڪليندي.
دستاويز موجب، نئين آٽو پاليسي ايندڙ مهيني وفاقي ڪابينا ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي. پاليسي موجب، اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي چار سالن اندر مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي. تنهن هوندي به، درآمد ٿيل گاڏين تي اضافي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته 2030 تائين ڪسٽم ڊيوٽي جي شرح گهٽجي ويندي. ان قدم جو مقصد مجموعي ٽيرف کي گهٽائڻ ۽ درآمدي نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ مقابلي وارو بڻائڻ آهي.
ذريعن موجب مالي سال 2027 کان پوءِ 7 سالن تائين پراڻيون گاڏيون درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته مالي سال 2027 کان هر سال اضافي ڊيوٽي ۾ بتدريج 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي.
ان کان علاوه، موٽر وهيڪل ڊولپمينٽ ايڪٽ پارليامينٽ طرفان منظور ڪيو ويندو ته جيئن مقامي پيداوار تي حفاظتي اپاءَ متعارف ڪرايا وڃن.

تبصرے بند ہیں۔