سنڌ ۾ پيٽرول تي سبسڊي: 2800 ماڻهن کي 56 لک روپيه جاري

ڪراچي:  سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ پرائيويٽ بسن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن کي سبسڊي ڏيندڙ واحد صوبو آهي.

پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينئر صوبائي وزير چيو ته موجوده جنگي صورتحال پوري خطي ۾ آهي، وفاقي حڪومت کي مجبوري ۾ پيٽرول جي قيمت وڌائڻي پئي، جنهن جو عوام تي بار پيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت 35 ارب روپين جي سبسڊي ڏني هئي، سڀني کان وڌيڪ اهميت هارين کي ڏني وئي آهي. 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ هارين کي پئسا ملڻ شروع ٿي ويا آهن. 1500 روپيه في ايڪڙ تي هاري کي ملي رهيا آهن انهي جو ڊيٽا اسان وٽ موجود آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ٻئي نمبر تي موٽر سائيڪلن وارن کي سهولت ڏني وئي آهي، هن ٻڌايو ته روزاني ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ جون آفيسون کليل آهن.  ڪالهه کان اڄ تائين 15000 کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. 6.7 ملين ماڻهن کي 2 هزار روپيه في اڪائونٽ فراهم ڪيا ويندا.

سينئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽرز کي سبسڊي ڏني پئي وڃي اهو واحد صوبو آهي جيڪو پرائيويٽ بيسن ۾ سفر ڪندڙ مسافرن لاءِ به سبسڊي ڏئي رهيو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته منشيات جي ڪري معاشرو تباهه ٿي رهيو آهي. نوجوان نسل تباهه ٿي رهي آهي، نيول انٽيليجنس جي اطلاع تي ڇاپو هنيو آهي، جنهن ۾ 500 ڪلو گرام کان وڌيڪ مقدار ۾ آئس پڪڙي وئي آهي. جنهن جي ماليت 5 ارب روپين کان وڌيڪ آهي.

انهي موقعي تي ايڪسائيز واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاوله ٻڌايو ته 15 هزار موٽر سائيڪل سوارن سبسڊي جي لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته سرور ڊائون ٿي ويو هو جنهن کي بهتر ڪيو ويو آهي. ڪالهه ئي 2800 ماڻهن جي اڪائونٽ ۾ پئسا جاري ٿي ويا آهن. سنڌ بينڪ ۾ اڪائونٽ هو جتان کان 56 لک روپيه جاري ڪيا ويا آهن. صوبي ۾ 30 کان 35 لک موٽر سائيڪلون اصلي اونر جي نالي سان آهن.

هن چيو ته جيڪب آباد ۾ چرس پڪڙي وئي آهي، شڪارپور ۾ چرس ۽ فارچونر گاڏي پڪڙي وئي، پاڪ نيوي جي تعاون سان وڏي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ 500 ڪلو گرام آئس پڪڙي وئي آهي، شڪارپور جي ڪيس ۾ سنڌ پوليس تعاون ڪيو آهي، 2 ڏينهن ۾ وڏيون ڪارروايون ڪيون آهن  جنهن ۾ هڪ کان 2 ارب روپيه ماليت جي شراب به پڪڙي وئي آهي.

هن چيو ته موٽر سائيڪل رجسٽريشن جي ڪابه فيس نه آهي. ٽرانسپورٽ جون ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن. واپاري برادري سان ڪالهه ملاقات ٿي آهي انهن جي هڪ راءِ نه آهي مختلف رايون آهن، لکن جي تعداد ۾ پورهيت شادي هال ۽ ريسٽورنٽس تي ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت ڪوبه حتمي فيصلو نه ڪيو آهي، سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڪراچي شهر مان جمع ٿيندو آهي. جيڪڏهن واپاري راضي ٿيا ته حڪومت کي ڪوبه مسئلو نه آهي

تبصرے بند ہیں۔