سنڌ ۾ 11 اپريل کان سخت گرمي جي لهر جو امڪان، الرٽ جاري

ڪراچي:  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 11 اپريل کان سخت گرمي جي لهر جو امڪان آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي اين ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اين ڊي ايم اي موجب 11 اپريل کان پوءِ سنڌ ۾ گرمي پد ۾ لاڳيتو اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن سبب رات جو گرمي پد معمول کان 3 کان 5 ڊگري وڌيڪ جڏهن ته ڏينهن جو 5 کان 7 ڊگري وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي مختلف ضلعن خاص طور تي دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سخت گرمي جي هيٺ رهندا. ڄامشورو، قمبر شهدادڪوٽ، گهوٽڪي، خيرپور، سانگهڙ،  عمرڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ به هيٽ ويو جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

بلوچستان جي ضلعي جهل مگسي، اوسته محمد ۽ ڊيره مراد جمالي ۾ به گرمي جي شدت ۾ اضافي جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي بهاوالنگر، بهاوالپور ۽ رحيم يار خان ۾ هيٽ ويو الرٽ جاري ڪندي شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔