مارڪيٽون جلد بند ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد:  وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو آهي ته حڪومت طرفان مارڪيٽن کي جلد بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي پيٽروليم واري وزير چيو ته جيڪڏهن اهو فيصلو لاڳو ٿيو ته صرف شادي هال ۽ ريسٽورينٽس 10 وڳي تائين کليل رهندا.

پيٽروليم واري وزير چيو ته ناڻي وارو وزير ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ سان گڏجاڻي جي لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو آهي، ناڻي وارو وزير اهڙن ادارن کي ٻڌائيندو ته ڪيترو وڏو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي، اسان کي سموري معاشي فريم ورڪ جو به جائزو وٺڻو پوندو.

هن چيو ته متحده عرب امارات مشڪل وقت ۾ 3.5 ارب ڊالرز جا ڊپازٽ پاڪستان ۾ رکرايا هئا جيڪڏهن ڪوبه پنهنجا پئسا واپس گهري ٿو ته انهي جا سمورا انتظام ڪيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته قطر کان گيس جي سپلاءِ بند ٿيڻ کان پوءِ مقامي فيلڊز مان فوري طور تي 400 کان 500 ايم ايم سي ايف ڊي جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔