آمريڪا ٻيهر غلطي ڪئي ته عالمي توانائي ۽ واپار جو سلسلو هڪ ئي وار سان مفلوج ٿي سگهي ٿو: ايران

تهران:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غير اخلاقي ۽ ڌمڪي واري بيان تي ايران جو سخت رد عمل سامهون اچي ويو آهي.

ايراني سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنائي جي سينئر صلاحڪار علي اڪبر ولايتي چيو آهي ته مزاحمتي محاذ جي متحده ڪمان باب المندب کي آبنائي هرمز جيان ڏسي ٿي، آمريڪا ٻيهر ڪابه غلطي ڪئي ته عالمي توانائي ۽ واپار جو سلسلو هڪ ئي وار سان مفلوج ٿي سگهي ٿو.

ايراني عدليه طرفان چيو ويو آهي ته ايران جي استقامت ۽ مزاحمت سان ٽرمپ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪو آهي، بوکلاهٽ ۾ مبتلا آمريڪي صدر توهين جوڳي زبون استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. ايران جي نائب صدر محمد رضا عارف چيو ته پنهنجي عوام جي فلاح ۽ بهبود قربان ڪري ٻين کي ڌمڪيون ڏيندڙ ٽرمپ پٿر جي زماني ۾ ڦاٿل آهي.

ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قالبياف ٽرمپ کي مخاطب ڪري پنهنجي بيان ۾ لکيو ته توهان جنگي ڏوهه جي ذريعي ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهندو. توهان جا غير ذميوارانه قدم هر آمريڪي خاندان کي زنده جهنم ۾ ڌڪي رهيا آهن. اسان جو  پورو خطرو سڙڻ وارو آهي ڇو ته توهان نيتن ياهو جا حڪم مڃڻ تي بضد آهيو، موجوده صورتحال جو واحد حل ايرانين جي حقن جي احترام ۾ آهي.

انهي کان علاوه پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني غير متوازن رويي تي آمريڪا کان ٽرمپ جي مواخذي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ ايراني مشن جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن جو ضمير زنده هجي ها ته اهو ادارو جنگ جي شوقين ٽرمپ جي کلي عام ڌمڪين تي خاموش نه رهي ها. ايراني مشن چيو ته ٽرمپ جي ايران جي اهم شهري بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي جنگي ڏوهه جي نيت جو واضح ثبوت آهي. اهڙي سنگين جنگي ڏوهه کي فوري روڪڻ عالمي برادري ۽ سمورين رياستن جي قانوني ذميواري آهي ائين نه ٿئي ته گهڻي دير ٿي وڃي.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي آبنائي هرمز نه کولڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جي هڪ ٻئي ڌمڪي ڏني آهي. ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ايران جي خلاف گارين جو به استعمال ڪيو هو. صدر ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران آبنائي هرمز نه کولي ته شهري ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ويندو ۽ ايران تي قيامت ٽٽي پوندي، اڱارو ايران جي لاءِ پاور پلانٽ ڊي ۽ برج ڊي هوندو.

 

تبصرے بند ہیں۔