عرب امارات کي ادائيگي جو معاملو: دوست ملڪن پاڪستان کي 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ فراهمي جو يقين ڏياري ڇڏيو

اسلام آباد:  پاڪستان جي دوست ملڪن انهي کي 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي فراهمي جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته متبادل ذريعن کان رقم جو بندوبست ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان متحده عرب امارات کي 2 ارب ڊالر ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان کي جون تائين گڏيل طور تي 4.8 ارب ڊالر جون ادائيگيون ڪرڻيون آهن.

ذريعن موجب پاڪستان انهن ادائيگين جو بندوبست ڪري ورتو آهي. پاڪستان کي گڏيل طور تي يو اي اي کي 3.5ا رب ڊالرن جون 3 مختلف فورم جون ادائيگيون ڪرڻيون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته يورو بانڊ 10 سالن جو مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ ميچور ٿي ويو، 1.3 ارب ڊالر جي يورو بائيڊ جي ادائيگي هن هفتي ٿيڻي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔