اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اڳوڻن آمريڪي صدرن کان ايران تي وڏي حملي جون درخواستون ڪيون: اڳوڻو وائٽ هائوس چيف
ڪراچي: اڳوڻي وائٽ هائوس چيف راهم ايمينوئل انڪشاف ڪيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو بل ڪلنٽن، باراڪ اوباما، جارج بش ۽ جوبائيڊن سميت هر صدر کان ايران جي خلاف وڏي فوجي ڪارروائي جي درخواست ڪئي هئي.
اڳوڻي وائٽ هائوس چيف آف اسٽاف راهم ايمينوئل موجب هر آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم جي درخواست تي ايران جي خلاف جنگ جي خطرن جو جائزو ورتو ۽ فيصلو ڪيو ته اهو آمريڪي قومي مفاد ۾ نه آهي سمورن صدرن صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ انڪار ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته آمريڪا جو نظام اهو آهي ته صدر چونڊجڻو آهي، بائبل تي هٿ رکي حلف کڻڻو آهي ۽ ڪمانڊر ان چيف بنجڻو آهي. فوجين جي حياتين جو فيصلو اهوئي ڪندو آهي، هاڻ 2 ٻارن جي پيءُ، جن جا 7 مهينن جا جاڙا ٻار آهن ڪڏهن به پنهنجي والد کي نه ڏسي سگهندو. انهي جي گهر ۾ هڪ ڪرسي هميشه خالي رهندي. راهم ايمينوئل وڌيڪ چيو ته اهو فيصلو صدر جو آهي، ڪنهن ٻئي تي الزام لڳائڻ بي معنيٰ آهي.
تبصرے بند ہیں۔