گوگل پنهنجو جديد اوپن اي آءِ ماڊل جيما 4 متعارف ڪرائي ڇڏيو

ڪيليفورنيا:  معروف سرچ انجن گوگل پنهنجو جديد اوپن آرٽيفيشل انٽيليجنس ماڊل، جيما 4 متعارف ڪرايو آهي.رپورٽ موجب، گوگل چيو آهي ته جيما 4 کي جديد استدلال ۽ خودڪار ورڪ فلو لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ۽ اپاچي لائسنس 2.0 تحت جاري ڪيو ويو آهي ته جيئن ڊولپرز لاءِ جديد AI ٽيڪنالاجي تائين رسائي آسان بڻائي سگهجي.گوگل جي مطابق، هي ماڊل ساڳئي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي جنهن تي گيما سيريز تيار ڪئي وئي آهي ۽ 4 مختلف سائزن ۾ پيش ڪئي وئي آهي ته جيئن اهو اينڊرائيڊ ڊوائيسز، ليپ ٽاپ ۽ وڏي ڪمپيوٽنگ سسٽم تي پڻ ڪم ڪري سگهي.گيما 4 جي نمايان خاصيتن ۾ ملٽي اسٽيپ پلاننگ، پيچيده منطق صلاحيتون ۽ خودڪار ايجنٽ ٺاهڻ جي سهولت شامل آهن جيڪي مختلف اوزارن ۽ API سان رابطو ڪري سگهن ٿا، ان کان علاوه ان ۾ ڪوڊ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي ۽ تصويرون ۽ وڊيوز کي سڌو سنئون پروسيس ڪري سگهي ٿو.ڪمپني وڌيڪ چيو ته هن ماڊل ۾ 128,000 کان 256,000 ٽوڪن جي هڪ ڪنٽيڪسٽ ونڊو آهي ۽ 140 کان وڌيڪ ٻولين تي تربيت ڏني وئي آهي. گيما سيريز کي هاڻي تائين 400 ملين کان وڌيڪ ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔