پيٽروليم شيون مهانگيون: سنڌ حڪومت سبسڊي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي:  سنڌ حڪومت پيٽروليم شيون مهانگيون ٿيڻ کان پوءِ سبسڊي بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ 1.72 ارب روپين جي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام تي عمل ڪرڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش ڪمار چاوله، محمد بخش خان مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ لاڳاپيل اختيارين جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سبسڊي پروگرام جاري ڪرڻ جي لاءِ طريقيڪار نظام  ۽ عملي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي. انهي موقعي تي وڏي وزير عوامي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو رکڻ ۽ صوبي جي ٽرانزٽ نظام جي بنا ڪنهن رنڊڪ جي فعال بنائڻ تي زور ڏنو.

هن چيو ته اهي قدم پيٽرول ۽ ڊيزل جي اضافي قيمتن جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ متعارف ڪرايا ويا آهن. هلندڙ هفتن ۾ ايندهن جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جنهن سبب ڀاڙن ۾ اضافي ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جي استعمال ۾ گهٽتائي جو امڪان پيدا ٿي ويو هو.

مراد علي شاهه چيو ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ٽارگيٽيڊ پيپلز فيول ڊيفريشل سبسڊي متعارف ڪرائي آهي جنهن جي ذريعي بحران کان اڳ ۽ موجوده قيمتن جي وچ ۾ فرق کي پورو ڪيو ويندو. هن گڏيل سبسڊي کي غير موثر ۽ مالي طور تي غير پائيدار قرار ڏنو.  اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سبسڊي پيڪيج جي تحت ٽرانسپورٽ آپريٽرز کي ڀاڙا نه وڌائڻ جي شرط تي ماهوار مالي مدد فراهم ڪئي ويندي جنهن جي تحت بسن، مني بسن ۽ ڪوچز کي في گاڏي ماهوار 2 لک 40 هزار روپين تائين سبسڊي ڏني ويندي. اهڙي طرح ويگنن ۽ پڪ اپس کي 50 هزار کان هڪ لک روپيه ماهوار فراهم ڪيا ويندا جڏهن ته مال بردار ننڍين ٽرڪن کي 70 هزار، وڏين ٽرڪن کي 80 هزار روپيه ماهوار ڏنا ويندا.

انهي کان علاوه عالمي ٽرانسپورٽ جي لاءِ سبسڊي روٽ جي ڊيگهه موجب مختلف طريقن سان ورهائي وئي آهي. ڊگهي فاصلي جي بسن کي ماهوار 10 لک 80 هزار روپين تائين سبسڊي ڏني ويندي ته جيئن سموري صوبي ۾ ڀاڙن جو استحڪام برقرار رکي سگهجي.

انهي سان گڏوگڏ عوامي ريليف جي تحت حڪومت اپريل جي مهيني ۾ هر رجسٽرڊ موٽر سائيڪل مالڪ کي 2 هزار روپيه روڪ ڏيندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته انهي سبسڊي سان لکين شهري فائدو حاصل ڪندا جيڪي روزاني سفر جي لاءِ موٽر سائيڪل استعمال ڪندا آهن. هن چيو ته شفافيت ۽ بدعنواني جي تدارڪ لاءِ سبسڊي جي ادائيگي ڊيجيٽل ايپ تي  ٻڌل نظام جي ذريعي ڪئي ويندي. اها ايپ ايڪسائيز کاتي ۽ ٽرانسپورٽ جي ڊيٽا بيس سان جڙيل هوندي گاڏي جي رجسٽريشن، فٽنيس ۽ ملڪيت جي تصديق کان پوءِ رقم سڌو سنئون مستحقين جي بينڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي ويندي.

 

وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته رجسٽريشن جي لاءِ ايندڙ 15 ڏينهن تائين آفيسن جا وقت وڌايا وڃن. 172 ارب روپيه ماهوار سبسڊي پروگرام تقريبن 5 ڪروڙ 70 لک مسافرن کي سهولت فراهم ڪندڙ ٽرانسپورٽ نظام کي سهارو ڏيندو. مراد علي شاهه چيو ته سبسڊي سان ڀاڙا مستحڪم رهندا ۽ نجي گاڏين جي استعمال ۾ به گهٽتائي ٿيندي. رليف شفاف ۽ وقت تي عوام تائين پهچائڻ کي يقيني بنائينداسين. ٽارگيٽيڊ حڪمت عملي، مشڪل حالتن ۾ مسافرن ۽ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ٻنهي جو تحفظ يقيني بنايو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔