ڪراچي: ايل پي جي جي قيمت هن وقت ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 500 روپيه في ڪلو تائين پهچي چڪي آهي.
نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب صارفين جو چوڻ آهي ته انهن کي ايل پي جي سرڪاري طور تي مقرر ڪيل قيمت کان به 200 روپين کان وڌيڪ قيمت تي ملي رهي آهي.
هوڏانهن ايل پي جي ڊسٽري بيوٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالهادي خان اهڙي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مارڪيٽ ۾ سپلائي جي گهٽتائي ۽ ڊسٽري بيوٽرز کي مهانگي اگهه تي ايل پي جي ملڻ وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪرڻ جا بنيادي سبب آهن.
هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته اوگرا ۽ لاڳاپيل امپورٽرز ايل پي جي وڌيڪ قيمتن تي وڪرو کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن جنهن سبب بحران وڌي رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔