توانائي شعبي جي سبسڊي کي 830 ارب تائين محدود ڪرڻ لاءِ تيار

اسلام آباد:  بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ توانائي شعبي کي 830 ارب رپين کان وڌيڪ سبسڊي نه ڏني وڃي.هڪ سرڪاري دستاويز موجب، آءِ ايم ايف مالي سال 2031 تائين بجلي شعبي جي گردشي قرضن جي مڪمل خاتمي جو به مطالبو ڪيو، ۽ توانائي شعبي کي سالياني بنيادن تي ڏنل سبسڊيز ۾ بتدريج گهٽتائي جي هدايت ڪئي.حڪومت مالي سال 2026-27 ۾ بجلي شعبي ۾ گردشي قرضن جي وهڪري کي صفر ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. حڪومت آءِ ايم ايف کي توانائي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۽ سڌارن واري پيڪيج تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.سڌارن واري پيڪيج ۾ بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ۾ مسلسل اضافو، سبسڊيز ۾ گهٽتائي، ۽ بجلي شعبي کي نجڪاري ڪرڻ ۽ گردشي قرض کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم شامل آهن.بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري يا خانگي انتظاميا ڏانهن منتقلي 2027 جي شروعات تائين متوقع آهي، جڏهن ته بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ سان عوام تي مهانگائي جو بار وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.

تبصرے بند ہیں۔