دادو: اُم رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جا سمورا جوابدار بري، عدالت محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
دادو: دادو ۾ اهم هائي پروفائيل ڪيس جي ٻڌڻي عدالت پنهنجو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ام رباب چانڊيو ڪيس جو عدالت فيصلو ٻڌائيندي، سردار ڀائرن سميت سڀ جوابدارن کي با عزت بري ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.
اٺن سالن کا جاري ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جو فيصلو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت ڄاڻايل سمورن جوابدارن کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ 8 جوابدار ڄاڻايل هيا ڄاڻايل ايم پي اي سردار خان چانڊيو، ايم پي اي سردار برهان خان چانڊيو سميت ٻيا شامل هيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي عدالت سمورن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي منهنجي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد هئا. نامزد سردار ڀائرن سميت سڀني کي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو آهي
اُم رباب چانڊيو چيو ته هي فيصلو ضد وارو ٿيو آهي سڄي سنڌ جي عوام سمجهي ٿي ته هي ڪهڙو فيصلو ٿيو آهي هي فيصلو ٻڌائي ٿو ته سردار چاهين ته ڪجهه به ڪري سگهن ٿا انهن کي ڪجهه نه ٿيندو هنن کي لائسنس مليل آهي ته توهان ڀلي ڪجهه به ڪيو توهان کان پڇڻ وارو ڪير به ناهي ٽن قتلن کي انصاف نه مليو آهي جيڪي هن ڪيس ۾ ٽن سالن تائين روپوش رهيا انهن مان ڪنهن هڪ کي به سزا ناهي ملي اسان جا حوصلا بلند آهن اسان کي نئين اميد ملي آهي انشاء الله هائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين وينداسين انصاف اسان جو حق آهي اهو وٺنداسون ،اسان جي سرداري نظام خلاف جدوجهد جاري رهندي ٻن ضلعن ۾ ڪرفيو جو ماحول پيدا ڪري هن قسم جا فيصلا ايندا آهن پر اسان جا حوصلا پختا آهن.
تبصرے بند ہیں۔