خيبرپختونخواهه ۾ برسات: گهرن جون ڇتون ۽ ڀتون ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت

پشاور:  خيبرپختونخواهه ۾ ٿيل تازين برساتن سبب گهرن جون ڇتون ۽ ڀتون ڪرڻ سبب هينئر تائين عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت جڏهن ته 47 زخمي ٿي پيا آهن.

پي ڊي ايم اي طرفان 25 مارچ کان هينئر تائين ٿيل برساتن سبب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.

پي ڊي ايم اي ترجمان موجب فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ 8 ٻار ۽ هڪ عورت جڏهن ته زخمين ۾ 26 مرد ۽ 21 ٻار شامل آهن. برساتن سبب هينئر تائين جي رپورٽ موجب گڏيل طور تي 6 گهرن کي جزوي طور تي نقصان پهتو آهي. اهي حادثا صوبي جي ٻن ضلعن بنون ۽ اتر وزيرستان ۾ پيش آيا.

پي ڊي ايم اي ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا پاڻ ۾ رابطي ۾ آهن جن امدادي سرگرميون جاري رکيون آهن، پي ڊي ايم اي طرفان متاثر ضلعي جي انتظاميه کي متاثرين کي جلد امدادي سامان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي  آهي.

پي ڊي ايم اي طرفان سڀني کان وڌيڪ متاثر ضلعي بنون جي انتظاميه کي فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن کي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پي ڊي ايم اي طرفان ضلعي انتظاميه کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ ۽ متاثرين جي فوري مدد ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

صوبي جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو سلسلو وقي وقفي سان جاري آهي جڏهن ته اهو سلسلو اڱاري جي ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته عوام کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته بنا ڪنهن سبب جي سفر کان پاسو ڪن ۽ حساس سياحتي هنڌن جو رخ نه ڪن، حڪومتي ادارن طرفان الرٽس ۽ ايڊوائزري تي عمل ڪيو وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔