لاهور: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب گذريل ڏينهن ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندر جي خلاف دلچسپ ميچ جي دوران قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي حسن علي کي ڏنڊ کي منهن ڏيڻو پيو.
حسن علي لاهور قلندر جي رانديگر حسيب الله جي آئوٽ ٿيڻ تي نازيبا جملا چيا، جنهن جي ڪري انهي تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حسن علي به ميچ ريفري جي سامهون پنهنجي غلطي کي مڃي ورتو آهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته حسن علي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ليول ون جي آرٽيڪل 2.5 جي ڀڃڪڙي ڪئي اها ڀڃڪڙي ميچ ۾ آئوٽ ڪرڻ کان پوءِ ڀڙڪائڻ جي لاءِ زبان استعمال ڪرڻ، ايڪشن ۽ اشارا ڪرڻ جي حوالي سان آهي. ياد رهي ته لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز لاهور قلندرز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني.
لاهور قلندر پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنسون ٺاهيون، ڪراچي ڪنگز 129 رنسن جو حدف آخري اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
تبصرے بند ہیں۔