ڪراچي: سنڌ حڪومت امتحانن ۾ نقل جي روڪٿام لاءِ واٽر مارڪنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
صوبائي وزير بورڊ اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ امتحانن جي تيارين بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسماعيل راهو چيو ته موجوده حالتن جي باوجود امتحان شيڊول موجب ٿيندا جنهن جي لاءِ سموري صوبي ۾ 1600 کان وڌيڪ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ انٽر جا امتحان 25 اپريل ۽ ميٽرڪ جا امتحان 7 اپريل کان شروع ٿيندا. جڏهن ته سکر ڊويزن ۾ ميٽرڪ جا امتحان 30 مارچ ۽ انٽر جا امتحان 15 اپريل کان شروع ٿيندا.
وزير بورڊ جو چوڻ هو ته امتحانن ۾ نقل جي روڪٿام لاءِ واٽر مارڪنگ سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن سان پيپر آئوٽ ڪندڙن جو فوري طور تي پتو لڳائي سگهبو. انهي کان علاوه امتحاني مرڪز جي نگراني لاءِ صوبائي سطح تي شڪايتي سيل قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔