گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ 5.3 شدت جو زلزلو

پشاور:  گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ 5.3 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.

پاڪستان جي موسميات کاتي موجب زلزلي جا لوڏا گلگت، اسڪردو، پتن، بالا ڪوٽ ۽ قرب وجوار ۾ محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪول تي زلزلي جي لوڏن جي شدت 5.3 جڏهن ته زمين اندر گهرائي 12 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

زلزلي جو مرڪز اتر مغربي ڪشمير، گلگت بلتستان کان 84 ڪلڪو ميٽر اتر اوڀر ۾ هو پر زلزلي سبب سبب ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جي اطلاع نه ملي آهي.

زلزلي سبب وادي چپورسن، گوجال ۾ ڪيترن ئي گهرن کي به نقصان پهچڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن پر جاني نقصان جي اطلاع نه ملي آهي. زلزلي کان پوءِ ماڻهو ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا.

تبصرے بند ہیں۔