پشاور: خيبرپختونخواهه حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو ڪندي پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ جو ترميمي مسودو تيار ڪري ورتو آهي.
پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙجڪ ۾ گورنر کان اختيار واپس وٺڻ جي لاءِ ترميم تيار ڪئي وئي، ترميم ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙجڪ جو اختيار وڏي وزير کي ملي ويندو.
موجوده ايڪٽ جي تحت ڪميشن جي ميمبرن جي چونڊ جي لاءِ سرچ اينڊ اسڪروٽني ڪميٽي جوڙي ويندي، سرچ اينڊ اسڪروٽني ڪميٽي چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ جوڙي ويندي.
ڪميٽي جي تجويز گورنر ۽ وڏي وزير ڏانهن اماڻي ويندي، نئين مجوزه ايڪٽ ۾ ڪميشن جا ميمبر استعيفيٰ گورنر جي بجاءِ حڪومت کي ڏيندا. ڪميشن رپورٽ صوبائي حڪومت کي ڏيندي جنهن کان پوءِ رپورٽ کي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔