تهران : صدر ٽرمپ سوشل ميديا تي ڪيل پوسٽ ۾ ايراني قيادت کي خبردار ڪيو آهي ته ايران ڳالهين لاءِ سنجيدگي ڏيکاري ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي. هن چيو ته ايراني چون ٿا ته هو غور ڪري رهيا آهن، اهو غلط آهي، اسان ته ايران جي فوجي سگهه ختم ڪري ڇڏي آهي. ايراني ميڊيا موجب ايران جو آپريشن وعده صادق 4 تحت حملن جي 81 هين لهر ۾ 70 کان وڌيڪ اسرائيلي هدفن تي ميزائل فائر ڪيا ويا.
حزب الله جي حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوت 25 زخمي
اتر اسرائيل جي نهاريا علائقي تي ميزائل حملي کانپوءِ هڪ ماڻهو مارجي ويو آهي، ايمرجنسي سروس ميگن ڊيوڊ ايڊوم موجب۔ ميڊيڪل سروس موجب وڌيڪ 25 ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ پنجاهه سالن جو مرد پنهنجي عضون ۾ ميزائيل جص ٽڪرن سبب زخمي ٿيو آهي۔ ان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 13 ماڻهو هلڪي ڌماڪي ۽ ٽڪڙن سبب زخمن جو شڪار آهن، جڏهن ته 11 ماڻهن ۾ ذهني پريشاني (انگزائٽي) جون علامتون ڏٺيون ويون آهن۔ اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪري رهي آهي ته ميزائل لبنان مان فائر ڪيا ويا، ۽ ضرورت موجب وڌيڪ اپڊيٽس جاري ڪيون وينديون۔
اسرائيل پاران ايران جي نيول ڪمانڊرز کي مارڻ جي دعويٰ
اسرائيل جي دفاع واري وزير اسرائيل ڪٽز دعويٰ ڪئي آهي ته هوائي حملي ۾ ايران جي اسلامي انقلابي گارڊز (IRGC) جي نيوي جي ڪمانڊر علي رضا تنگسيري کي قتل ڪيو ويو آهي۔ ڪٽز هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته: “گذريل رات، هڪ صحيح ۽ جان ليوا آپريشن ۾، آءِ ڊي ايف انقلابي گارڊز جي نيوي جي ڪمانڊر تنگسيري کي، نيوي جي قيادت جي سينيئر آفيسرن سميت، ختم ڪري ڇڏيو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته: “اهو شخص، جيڪو هرمز جي آبنائي کي بارود لڳائڻ ۽ جهازن جي اچ وڃ کي روڪڻ واري دهشتگرد ڪارروائي جو سڌو ذميوار هو، ان کي ختم ڪيو ويو آهي.”
تبصرے بند ہیں۔