اسلام آباد: وفاقي حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پيٽرول تي سبسڊي ڏيڻ جي لاءِ ايپ تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي ذريعي پيٽرول گهٽ قيمت تي ملي سگهندو.
ذريعن موجب انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان تيار ڪيل ايپ في الحال ٽيسٽنگ جي مرحلي ۾ آهي جنهن کان پوءِ ايپ کي عوام جي سامهون پيش ڪيو ويندو.
پيٽرول تي سبسڊي ٽو ٿري ويلرز گاڏين تي ڏني ويندي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽن ۾ قيمتن ۾ اضافو ٻين صارفين تائين منتقل ڪيو ويندو.
ذريعن موجب موٽر سائيڪلن جي لاءِ ماهوار 20 ليٽر تائين پيٽرول جي ڪوٽا مقرر ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي جڏهن ته 800 سي سي گاڏيون رکندڙ صارفين جي لاءِ سبسڊي جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.
انهي حوالي سان ملڪ جي 12 هزار پيٽرول پمپس تي سبسڊي ٽولز مقرر ڪيا ويندا ۽ هر پيٽرول پمپ کي 2 موبائيل پڻ فراهم ڪيا ويندا. اهڙي طرح پيٽرول پمپ تي موبائل فونز ايپ جي ذريعي پيٽرول ڏنو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔