تهران: ايران آمريڪا طرفان پيش ڪيل 15 نڪتن تي ٻڌل تجويزن تي باضابطه جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ هاڻ واشنگٽن جي رد عمل جو انتظار ڪيو پيو وڃي.
برطانيوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جنگبندي جو منصوبو هڪ طرفو ۽ غير منصفاڻو آهي جيڪو گهڻو ڪري آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن موجب ترتيب ڏنو ويو آهي.
ايراني عهديدار موجب اهي تجويزون پاڪستان جي ذريعي تهران تائين پهچايون ويون آهن جن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ ايران پنهنجو موقف به پاڪستان جي ذريعي ئي آمريڪا تائين پهچائي ڇڏيو آهي.
ايران واضح ڪيو آهي ته اهڙين تجويزن ۾ بنيادي گهرجن جي گهٽتائي آهي ۽ موجوده صورتحال ۾ باضابطه ڳالهين جي لاءِ ڪوبه واضح فريم ورڪ موجود نه آهي.
اختيارين موجب انهي مرحلي تي سڌو سنئون ڳالهين جو ڪوبه عملي منصوبو سامهون نه آيو آهي پر سفارتڪاري جو عمل مڪمل طور تي ختم نه ٿيو آهي. ايران جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا حقيقت پسندانه رويو اپنايو ته تڪرار جي حل جو رستو ڪڍي سگهجي ٿو.
ايراني ذريعن موجب پاڪستان ۽ ترڪيه ٻنهي ملڪن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن. هوڏانهن ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي به تصديق ڪئي آهي ته تهران هاڻ واشنگٽن جي باضابطه جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔