ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات، موسم خوشگوار ٿي ويو

ڪراچي : ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. تفصيل موجب ڪلفٽن، سي ويو، لياري ۽ انهي سان لاڳاپيل علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا باري جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اڇي وئي آهي.

اهڙي طرح سائيٽ ايريا، رشيد آباد ۾ به هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته گلشن اقبال، حسن اسڪوائر ۽ طارق روڊ سميت چوڌاري وارن علائقن ۾ به هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. برسات کان پوءِ گرمي جو زور به ٽٽي ويو جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ برسات کان پوءِ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ  ڪجهه ڪلاڪن جي دوران شهر جي وڌيڪ علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي جنهن سبب گرمي پد ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ برسات سبب روڊن تي پاڻي بيهجي ويو آهي جنهن سبب علائقي جي رهواسين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔