اسٽاڪ ايڪسچينج ، 100 انڊيڪس ۾ 4400 پوائنٽن جو اضافو

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.عيد الفطر جي موڪلن کان پوءِ واپار جي پهرين ڏينهن تي، پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس واپار جي شروعات کان وٺي مثبت رجحان ڏيکاري رهيو آهي.100 انڊيڪس 4,449 پوائنٽس جي واڌ سان 157,190 تي کليو ۽ هن وقت 2,005 پوائنٽس جي واڌ سان 154,745 تي واپار ڪري رهيو آهي.يورپ ۽ آمريڪا کان پوءِ، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران تي حملي کي پنج ڏينهن ملتوي ڪرڻ جي اعلان جي ڪري ايشيائي سرمائي مارڪيٽن ۾ به مثبت رجحان نظر اچي رهيو آهي.جاپان جو نڪي 0.75 سيڪڙو مٿي آهي، جڏهن ته ڪورين ڪوسپي 2.5 سيڪڙو، شنگھائي اسٽاڪ 1 سيڪڙو مٿي آهي ۽ هندستان جو نفٽي 51 سيڪڙو مٿي آهي.

تبصرے بند ہیں۔