ڪراچي : اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پنج ڪاررواين ۾ هڪ عورت سميت ڇهن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن مان 16.28 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، اهي ڪارروايون حيدرآباد، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڪيون ويون.آفيسرن چيو آهي ته آپريشن دوران 15 ڪلوگرام چرس ۽ 750 گرام برف هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ ڪاررواين ۾ 530 گرام وزني 92 برف سان ڀريل ڪيپسول به هٿ ڪيا ويا.اي اين ايف ترجمان چيو ته سڀني شڪي ماڻهن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.
تبصرے بند ہیں۔