ايران جا تل ابيب ۽ آمريڪي فوجي اڏن تي حملا، ٽرمپ سان ڳالهيون فيڪ نيوز قرار

تهران : انقلابي گارڊز چيو آهي ته انهن آپريشن وعدي صادق 4 تحت حملن جي هڪ نئين لهر شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ 78 هين لهر دوران علائقي ۾ آمريڪي هدفن ۽ اسرائيل کي نشانو بڻايو ويو.انقلابي گارڊز موجب، ايلات، ديمونا ۽ اتر تل ابيب سميت مختلف هدفن تي ملٽي وار هيڊ ميزائل ۽ ڊرون استعمال ڪندي حملا ڪيا ويا.انقلابي گارڊز موجب، انهن ڪارروائين ۾ عماد ۽ قدر ميزائل استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي به نشانو بڻايو ويو.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انقلابي گارڊز جي اڪثر جنگي يونٽن ۽ بسيج فورسز کي اڃا تائين مڪمل طور تي مقرر نه ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن کي به شامل ڪيو ويندو.ان دوران، ايراني فوج آمريڪي صدر کي پيغام موڪليو ته ڊونلڊ ٽرمپ، آسمان ڏانهن ڏسو، هڪ نئون سرپرائز اچي رهيو آهي، تمام وڏا نتيجا سامهون ايندا.ايراني فوجي عهديدار جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ کي فون ۽ سوشل ميڊيا تان اکيون هٽائڻ گهرجن ۽ آسمان، اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ تيل جي قيمتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ايران هڪ وڏو سرپرائز ڏيڻ وارو آهي.انقلابي گارڊز جي خاتم الانبياء برگيڊ جي ترجمان ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کي مذاق ۾ ورجايو ته ٽرمپ “توهان کي نوڪري تان ڪڍيو ويو آهي، هن معاملي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ مهرباني. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ايران اسرائيل تي نوان حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، اسرائيل جي قبضي هيٺ علائقن تي ميزائل حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.اسرائيلي فوج پڻ ايران پاران ميزائل لانچ ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ايراني ميزائل حملي کان ڏکڻ اسرائيل ۾ نقصان جون رپورٽون آهن. ڏکڻ اسرائيل ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بچاءُ ۽ ڳولا جون ڪارروايون جاري آهن.

تبصرے بند ہیں۔