ٽينسيٽ ۽ وي چيٽ اي آءِ سان ڳنڍجي ويا، وڏو مقابلو

بيجنگ:  ٽينسيٽ آچر تي هڪ نئون ٽول يعني اوزار متعارف ڪرايو آهي، جيڪو پنهنجي وي چيٽ وئي چيٽ  پليٽفارم کي اوپن ڪلا سان ڳنڍي ٿو، جنهن سان ڪمپني مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ايجنٽن جي شعبي ۾ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ وڌائي رهي آهي، جيڪو چين جي ٽيڪنالاجي ڪمپنين وچ ۾ اهم مقابلي جو ميدان بڻجي ويو آهي۔
هي سافٽ ويئر، جنهن کي “ClawBot” سڏيو وڃي ٿو، وي چيٽ ۾ هڪ رابطي طور ظاهر ٿيندو، جنهن سان هن مشهور ايپ جا هڪ ارب کان وڌيڪ فعال صارف سڌو سنئون OpenClaw سان ڳنڍجي سگهندا۔
صارف ميسيجنگ انٽرفيس ذريعي AI ايجنٽ سان رابطو ڪرڻ لاءِ حڪم يعني ڪمانڊ موڪلي ۽ وصول ڪري سگهندا۔
هي انضمام اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن OpenClaw — جيڪو هڪ اوپن سورس AI ايجنٽ آهي ۽ صارفين جي طرفان فائل منتقل ڪرڻ ۽ اي ميل موڪلڻ جهڙا ڪم ڪري سگهي ٿو، تازن هفتن ۾ تيزي سان مقبول ٿي رهيو آهي۔
صارف وڏي انگ ۾ اهڙن ايجنٽ پراڊڪٽس کي انسٽال ڪري آزمائي رهيا آهن، جنهن سبب ٽيڪ ڪمپنيون ڪاروباري موقعن جي ڳولا ۾ لڳل آهن، جڏهن ته اختيارين سيڪيورٽي ادارا خدشن بابت خبردار ڪري رهيا آهن۔
Tencent جو هي قدم هن مهيني جي شروعات ۾ پنهنجي AI ايجنٽ سروسز متعارف ڪرائڻ کان پوءِ آيو آهي، جن ۾ انفرادي صارفن لاءِ QClaw، ڊولپرز لاءِ Lighthouse ۽ ڪاروباري ادارن لاءِ WorkBuddy شامل آهن۔
گذريل هفتي، علي بابا “Wukong” نالي هڪ AI پليٽفارم لانچ ڪيو، جيڪو ادارن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن AI ايجنٽن کي گڏ ڪري پيچيده ڪاروباري ڪم، جهڙوڪ دستاويزن جي ايڊيٽنگ ۽ گڏجاڻين جي لکت، هڪ ئي انٽرفيس ۾ سرانجام ڏئي ٿو۔
Baidu پڻ جلد ئي OpenClaw تي ٻڌل مختلف AI ايجنٽ متعارف ڪرائيندو، جيڪي ڊيسڪ ٽاپ سافٽ ويئر، ڪلائوڊ سروسز، موبائل اوزارن ۽ اسمارٽ هوم ڊوائيسز تائين پکڙيل آهن۔

تبصرے بند ہیں۔