راولپنڊي : چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۾ تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ملڪ ۾ تشدد کي ڀڙڪائڻ لاءِ مذهبي جذبات کي استعمال نه ڪيو وڃي.
انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير راولپنڊي ۾ شيعه عالمن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران انهن قومي سلامتي ۽ بين الصوبائي هم آهنگي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل چيو ته اتحاد، رواداري ۽ قومي ايڪتا کي فروغ ڏيڻ ۾ عالمن جو ڪردار اهم آهي. عالمن کي غلط معلومات ۽ فرقه وارانه بيانن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان ۾ تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي، ۽ ملڪ ۾ تشدد کي ڀڙڪائڻ لاءِ مذهبي جذبات کي استعمال نه ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته افغان طالبان کي پنهنجي سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي. پاڪستان خلاف افغان سرزمين جو استعمال ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. دهشتگرد ۽ انهن جي ٺڪاڻن کي جتي به هوندا انهن کي نشانو بڻايو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، عالمن تشدد جي سخت مذمت ڪئي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي ادارن جي حمايت جو اعلان ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن غدب الحق جي حوالي سان فيلڊ مارشل دهشتگردن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو عزم پڻ ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔