آمريڪا سپريم ليڊر سميت 10 اهم ايراني اڳواڻن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ تي 10 ملين ڊالر انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو
واشنگٽن: آمريڪا ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي سميت 10 اهم اڳواڻن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ تي 10 ملين ڊالر انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪي پرڏيهي وزارت جي Rewards for justice پروگرام جي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ اهم ايراني اڳواڻن جي باري ۾ ڄاڻ طلب ڪئي وئي آهي جنهن ۾ مجبتيٰ خامنائي به شامل آهي.
پرڏيهي وزارت انعام جي رقم 10 ملين آمريڪي ڊالر تائين مقرر ڪئي ۽ چيو ته ڄاڻ ڏيندڙ ماڻهو آمريڪا منتقل ٿيڻ جا اهل به ٿي سگهن ٿا. آمريڪا طرفان جن ايراني اڳواڻن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي انعام رکيو ويو آهي انهي ۾ ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي، ايراني انٽيليجنس وزير اسماعيل خطيب، نائب چيف آف اسٽاف علي اصغر حجازي، ميجر جنرل يحيٰ رحيم صفوي، بريگڊيئر جنرل اسڪندر مومني، سيڪريٽري سپريم ڪورٽ علي لاريجاني به شامل آهن.
آمريڪي پرڏيهي وزارت طرفان الزام لڳايو ويو آهي ته اهي ماڻهو پاسداران انقلاب جي مختلف عناصرن کي ڪمانڊ جون هدايتون ڏيندا رهيا آهن جيڪي سموري دنيا ۾ دهشتگردانه ڪارروائيون منصوبه بندي تنظيمون ۽ ٻيا معاملا انجام ڏيندا آيا آهن. ياد رهي ته اڄ علي لاريجاني تهران ۾ يوم القدس جي ريلين ۾ شريڪ ٿيو هو جتي هن پنهنجي شرڪت جون تصويرون به پوسٽ ڪيون.
تبصرے بند ہیں۔