پيٽروليم شين جي قيمتن بابت نئون نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:  وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ واري فيصلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

توانائي واري وزارت(پيٽروليم ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪوبه اضافو يا گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي.

توانائي واري وزارت(پيٽروليم ڊويزن) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 335 روپيه 86 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت 321 روپيه 17 پئسا في ليٽر برقرار آهي نيون قيمتون 14 مارچ کان لاڳو ٿينديون.

 

تبصرے بند ہیں۔