حڪومتي قدم ۽ ڪفايت شعاري سان ٿيل بچت عوامي رليف تي استعمال ٿيندي: وزيراعظم

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومتي بچت قدمن ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن سبب ٿيل بچت عوامي رليف جي لاءِ ئي استعمال ٿيندي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس  ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، چيئرمين ايف بي آر ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي اثر ۽ حڪومتي بچت وارن قدمن کي لاڳو ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو.

پڌرائي موجب اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ پاليسي قدمن، حڪومت طرفان بچت وارن قدمن جي لاڳو ٿيڻ تي اڳڀرائي ۽ انهن جي اثرن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومتي بچت وارن قدمن سان حاصل ٿيل رقم کي موجوده حالتن ۾ عوامي ريليف جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. سمورن ڪفايت شعاري جي قدمن سان ڪيل بچت عوامي رليف لاءِ ئي استعمال ٿيندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري ۽ حڪومتي سرپرستي ۾ خودمختار ادارن جي ملازمن جي پگهارن مان 5 کان 30 سيڪڙو تائين ڪٽوتي ٿيندي. ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي کي عوامي رليف جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. ڪارپوريشنز ۽ ٻين ادارن ۾ حڪومتي نمائندا بورڊ اجلاس ۾ شرڪت جي فيس نه وٺندي ۽ انهي فيس کي بچت جي رقم ۾ شامل ڪيو ويندو.

پڌرائي موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ايف بي آر تي هفتيوار چار ڏينهن لاڳو نه ٿيندا. اهڙن ادارن جا ملازم پنهنجي پراڻي طريقيڪار موجب فرض انجام ڏيندا. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم سمورن پاڪستاني سفارتخانن کي 23 مارچ جون تقريبون انتهائي سادگي سان ملهائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وزيراعظم چيو ته سرڪاري آفيسرن، وزير، مملڪتي وزير ۽ خاص مددگارن جي ٻاهرين دورن تي مڪمل پابندي لاڳو رهندي. ڪفايت شعاري جي حڪمن، قدمن تي عمل ڪرڻ ۽ نگراني لاڳاپيل سيڪريٽري پاڻ ڪندا. سيڪريٽري روزاني جي بنياد تي جائزه ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪندا.

 

تبصرے بند ہیں۔