ايران تي ٻن بمبار جهاز ذريعي حملو،فتح جو اعلان ڪري نڪرڻ جو مشورو

واشنگٽن:  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ ويجهي صلاحڪار کيس مشورو ڏنو آهي ته آمريڪا ايران جي خلاف ڪارروائي کي ڪامياب قرار ڏئي جنگ ختم ڪري ۽ اتان کان نڪري وڃي.ميڊيا رپورٽن موجب وائٽ هائوس جي ٽيڪ ۽ اي آءِ صلاحڪار ڊيوڊ سيڪس ٽرمپ کي مشورو ڏنو آهي ته آمريڪا کي فتح جو اعلان ڪري ايران مان نڪرڻ گهرجي. ڊيوڊ سيڪس جو چوڻ هو ته جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ سان تباهي آڻيندڙ نتيجا پيدا ٿي سگهن ٿا جنهن سبب آمريڪا هڪ ڊگهي  جنگ ۾ ڦاسي سگهي ٿو.ياد رهي ته ايران ۾ جنگ صورتحال سبب وائٽ هائوس ۾ به اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. رپورٽن موجب آمريڪي حڪومت جي اندر جي اندر انهي جنگ جي باري ۾ 2 مختلف راءِ موجود آهن ڪجهه اختياريون چاهين ٿيون ته فوجي ڪارروايون جاري رکيون وڃن ته جيئن ايران جي فوجي صلاحيت مڪمل طور تي ختم ٿي وڃي. جڏهن ته ڪجهه صلاحڪار چون ٿا ته آمريڪا پنهنجا حدف حاصل ڪري چڪو آهي انهي جي لاءِ هاڻ جنگ ختم ڪرڻ گهرجي. پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو موقف اهو آهي ته هن جنگ جو اختتام انهي وقت ٿيندو جڏهن مون کي مناسب لڳندو. وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري، آمريڪا علائقي ۾ پنهنجي فوجي موجودگي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.آمريڪي اخبار دي وال اسٽريٽ جرنل جي هڪ رپورٽ موجب، آمريڪي دفاع واري کاتي وچ اوڀر ۾ هزارين آمريڪي ميرين موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب، هي قدم آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) جي درخواست تي ڪيو پيو وڃي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي درخواست اهڙي وقت ڪئي وئي آهي جڏهن ايران آبنائے هرمز ۾ جهازن تي حملو ڪرڻ ۽ بارودي سرنگون رکڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔