ڪراچي: مائي ڪولاچي ۽ ايم ٽي خان روڊ سيڪيورٽي سبب بند

ڪراچي: مائي ڪولاچي ۽ ايم ٽي خان روڊ سيڪيورٽي سببن جي ڪري بند ڪيا ويا آهن.ٽريفڪ پوليس موجب، بوٽ بيسن، جناح پل ۽ مائي ڪولاچي ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي آءِ ڊي سي کان جناح پل ۽ ايم ٽي خان روڊ تائين روڊ جا ٻئي پاسا به بند آهن.ٽريفڪ پوليس چيو ته بوٽ بيسن کان مائي ڪولاچي ڏانهن ايندڙ ٽرئفڪ کي يو ٽرن وٺي واپس موڪليو پيو وڃي، پي آءِ ڊي سي کان جناح پل ڏانهن ايندڙ ٽرئفڪ کي کجور چوڪ ڏانهن موڪليو پيو وڃي، جڏهن ته جناح پل کان ايندڙ ٽرئفڪ کي آءِ آءِ چندري ڳڙهه روڊ ڏانهن موڪليو پيو وڃي. ٽريفڪ پوليس روڊ بند هجڻ سبب شهرين کي متبادل رستا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔