ڪي پي حڪومت فيول ڪوٽا ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي

پشاور: خيبر پختونخواهه حڪومت سرڪاري گاڏين لاءِ فيول ڪوٽا ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.خيبر پختونخواهه انتظاميه کاتي ايندھن جي حوالي سان سڀني کاتن کي خط موڪليو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن جو ماهوار ايندھن ڪوٽا 390 ليٽر کان گهٽائي 292 ليٽر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چيف سيڪريٽري، اي سي ايس ۽ سيڪريٽري فنانس جو ڪوٽا 146 ليٽر کان گهٽائي 98 ليٽر ڪيو ويو آهي.خط موجب، انتظامي سيڪريٽرين، ڪمشنرن ۽ ڊي آءِ جيز لاءِ ايندھن ڪوٽا 114 ليٽر کان گهٽائي 85 ليٽر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گريڊ 20 ۽ ان کان مٿي جي آفيسرن لاءِ ايندھن ڪوٽا 98 ليٽر کان گهٽائي 74 ليٽر ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه، ڊپٽي ڪمشنرن، اي ڊي سيز ۽ ايس پيز جو ماهوار ايندھن الاؤنس 104 ليٽر کان گهٽائي 78 ليٽر ڪيو ويو آهي ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي کان مٿي سيڪريٽريٽ آفيسرن جو ماهوار ايندھن الاؤنس 85 ليٽر کان گهٽائي 64 ليٽر ڪيو ويو آهي.خط موجب ڊويزنل ڊائريڪٽرن ۽ ٻين ڊويزنل آفيسرن جو فيول الائونس 72 ليٽر کان گهٽائي 54 ليٽر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا هائوس اسلام آباد لاءِ فيول ڪوٽا 715 ليٽر کان گهٽائي 535 ليٽر ڪيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔