ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان، راتيون به گرم

ڪراچي: موسميات کاتي شهر ۾ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته شهر ۾ راتيون به گرم رهنديون.موسميات کاتي موجب شهر ۾ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.موسميات کاتي چيو ته اڄ صبح شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 22.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، هوا ۾ نمي 52 سيڪڙو آهي ۽ اوڀر کان 4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.ان کان علاوه، موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ نه رڳو ڏينهن پر راتيون به گرم رهنديون. ڪالهه، ڪراچي ۾ ڏينهن جو گرمي پد مارچ لاءِ معمول کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته گذريل رات جو گرمي پد مارچ لاءِ معمول کان 3.7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ هو.

تبصرے بند ہیں۔