آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا جاري، فوتين جو انگ 1300 کان وڌي ويو

تهران:  آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا جاري آهن. عرب ميڊيا موجب گڏيل طور تي  هينئر تائين ايران تي حملن سبب فوتين جو انگ 1300 کان وڌي ويو آهي.

اياني ميڊيا موجب شهر خمين ۾ آمريڪي ميزائل حملي ۾ ڊاڪٽر حافظ خميني اسڪول کي نشانو بنايو جنهن سان ويجهن رهائشي گهرن کي به نقصان پهتو.

تهران ۾ رات جي وقت شديد ترين بمباري ڪئي وئي. اوڀر، ڏکڻ ۽ مغربي علائقن ۾ زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا. تهران جي رسالت اسڪوائر جي ڀرسان حملن ۾ 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته آمريڪي فوج ايراني ميزائل لانچرز جي  ڳولا جاري رکندي جتي به ملندا انهي کي تباهه ڪيو ويندو.

ٻئي طرف ايران جي پاسداران انقلاب جوابي ڪارروائين ۾ 33هين لهر جي تحت وڌيڪ ميزائل حملا شروع ڪڻ جو اعلان ڪندي چيو ته آئنده هڪ ٽن يا انهي کان وڌيڪ وزن جا ڳرا ميزائل استعمال ڪيا ويندا.

تبصرے بند ہیں۔