شرجيل ميمڻ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڪارروائي جي هدايت

ڪراچي:  سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

ٽرانسپورٽ کاتي جي اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ ڀاڙن ۾ غيرقانوني اضافو ڪندڙ ٽرانسپورٽرز جي خلاف ڪارروائي جا حڪم ڏيندي چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي جواز بنائي ڀاڙن ۾ هٿ ٺوڪيو اضافو عوام تي بار جي برابر آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي ڀاڙن جو نئين سري سان جائزو وٺي مناسب ۽ متوازن نئين قيمتن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڀاڙن ۾ ڪنهن به قسم جي اضافي جو اختيار صرف حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ کاتي کي حاصل آهي. جيڪو ٽرانسپورٽرز سرڪاري منظوري کان سواءِ ڀاڙن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن ٽرانسپورٽ کاتي کي فيلڊ ۾ فوري طور تي چيڪنگ مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ موثر نظام قائم ڪيو وڃي. حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڪنهن کي به استحصال جي اجازت نه ڏينداسين.

 

تبصرے بند ہیں۔