لاهور: قومي رانديگر عماد وسيم جي سوشل ميڊيا پوسٽ تي رد عمل ڏيندي انهي جي اڳوڻي گهر واري ثانيه اشفاق پنهنجي پوسٽ ۾ سخت جملن جو استعمال ڪيو.
عماد وسيم ۽ انهي جي اڳوڻي گهر واري ثانيه اشفاق 6 سالن جي ازدواجي زندگي کان پوءِ تازو ئي عليحدگي اخيار ڪري ورتي آهي. رپورٽن موجب ثانيه اشفاق هن وقت پنهنجي 3 ٻارن جي اڪيلي سر پرورش ڪري رهي آهي. انهي جو چوڻ آهي ته ٻارن کي انهي جي والد طرفان مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي.
تازو ئي عماد وسيم پنهنجي ڌيءَ عنايه جي سالگره جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي ڌيءَ کي سالگره مباره، بابا اوهان سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو. انهي پوسٽ جي جواب ۾ ثانيه اشفاق به پنهنجي ڌيءَ کي سالگره جي مبارڪباد ڏيندي رد عمل ڏنو.
هن لکيو ته منهنجي خوبصورت ڌيءَ کي پنجين سالگره مبارڪ. اوهان هڪ اهڙي ننڍپڻ جا حقدار هو جيڪو محبت، تحفظ ۽ استحڪام سان ڀريل هجي اهو ڏسڻ تڪليف ڏيندڙ آهي ته سوشل ميڊيا تي اوهان جو پيءُ اوهان سان تمام گهڻو محبت ڪري ٿو، محبت سان ڀريل پيغام ڏيندو آهي. جڏهن ته نجي طور تي ادارن کي چيو پيو وڃي ته ٻارن ۽ انهن جي ماءُ کي بي گهرن جي پناهه ۾ اماڻيو وڃي ڇو ته انهن جي مالي مدد بند ڪئي پئي وڃي.
ثانيه اشفاق وڌيڪ لکيو ته ٻارن کي صرف سوشل ميڊيا تي چيل لفظ نه پر حقيقي زندگي ۾ تحفظ، سچائي، ذميواري جي ضرورت هوندي آهي. چاهي ڪجهه به هجي ماءُ هميشه اوهان جي حفاظت ڪندي ۽ اوهان کي هر ڏينهن محفوظ ۽ محبت سان ڀريل احساس ڏياريندي.
سوشل ميڊيا تي انهي معاملي کان پوءِ صارفين جو وڏو تعداد ثانيه اشفاق جي حق ۾ سامهون اچي ويو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين انهي جي ڌيءَ عنايه کي سالگره جي مبارڪباد ڏني ۽ ثانيه اشفاق جي همت جي تعريف پڻ ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔