راولپنڊي: سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني فوج افغان طالبان ۽ فتنه الخارج خلاف آپريشن ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج ڪاميابيءَ سان هوائي حملو ڪيو آهي ۽ قنڌار ۾ افغان طالبان جي 205 ڪور جي برگيڊ هيڊ ڪوارٽر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن دوران طالبان جي گولا بارود جي ڊپو کي به نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي وڏو فوجي نقصان پهتو. ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته آپريشن غضب للحق تحت ڪيل انهن اثرائتي ۽ طاقتور آپريشنن جو مقصد دهشتگرد عنصرن جي نيٽ ورڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ آهي.
تبصرے بند ہیں۔