آيت الله خامنائي جي شهادت تي شوبز انڊسٽري ۾ به ڏک جي لهر ڇانيل

لاهور:  پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور شخصيتن آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل ڪارروائي دوران ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آحي.
ايران جي سپريم ليڊر جي 86 سالن جي عمر ۾ شهادت تي سموري دنيا ۾ گهري رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته پاڪستاني عوام سان گڏوگڏ شوبز سان جڙيل شخصيتن به انهي شهادت کي وڏو نقصان قرار ڏنو آهي.
پاڪستاني فنڪارن مشي خان، ناديه خان، مايا علي، مديحه رضوي ۽ خالد انعم سميت ٻين آيت الله خامنائي جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.
ناديه خان پنهنجي رمضان ٽرانسميشن ۾ گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته اهو مسلمانن جي لاءِ هڪ مشڪل وقت آهي جيڪي پاڻ ۾ متحد نه آهن جنهن سبب اهي ڳري قيمت ادا ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان دنيا ۾ جنگ جو منظر برداشت کان ٻاهر آهي اهو مسلمانن جي لاءِ وڏو سانحو آهي ڇو ته آيت الله شهيد ٿي ويو آهي.
اداڪاره مشي خان انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو پيغام ۾ آيت الله خامنائي جي شهادت تي روئيندي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو جڏهن ته تصوير جي پٺيان ايراني سپريم ليڊر جو بيان به هلي رهيو هو. هن چيو ته دنيا جي سڀني کان معتبر شخص کي قتل ڪيو ويو. تاريخ اهو ڪڏهن به نه وساريندي ته ڪيئن 86 ورهين جي شخص اڪيلي سر شيطاني طاقتن جي سامهون ڄميل رهيو، هُن هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي بجاءِ شهادت ماڻي.

تبصرے بند ہیں۔