بکر ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو، 2 اهلڪار شهيد، هڪ زخمي

بکر:  پنجاب جي ضلعي بکر جي سرحد تي قائم بين الصوبائي چيڪ پوسٽ داجل تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو۔

ڊي پي او شهزاد رفيق اعواڻ موجب پنجاب کي خيبرپختونخواهه سان ملائيندڙ درياءَ جي پل تي واقع پنجاب پوليس جي داجل چيڪ پوسٽ تي افطار جي وقت حملو ٿيو. حادثي کان پوءِ فورسز جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته امدادي ڪارڪنن زخمين ۽ لاشن کي ڊي ايڇ ڪيو بکر منتقل ڪيو۔ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ۾ ڪانسٽيبل فهيم عباس ۽ شهباز مدني شامل آهن، جڏهن ته ڊيوٽي تي مقرر ڪانسٽيبل ارشد ڌماڪي سبب زخمي ٿي پيو آهي۔

آئي جي پنجاب عبدالڪريم شهادت جو درجو ماڻيندڙ ڪانسٽيبل فهيم عباس ۽ شهباز مدني جي لازوال قرباني کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي سوڳوار خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو۔ آئي جي پنجاب زخمي ڪانسٽيبل ارشد کي بهترين علاج جون سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت پڻ ڏني.

وزيراعظم شهباز شريف بکر ۾ داجل چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو۔ وزيراعظم شهيدن لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي۔ هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس جون قربانيون هرگز ضايع نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ حڪومت پرعزم آهي۔

ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بکر ۾ داجل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو۔ گهرو وزير شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمي جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي۔ محسن نقوي چيو ته پوليس اهلڪارن فرض جي ادائيگي دوران شهادت جو اعليٰ درجو حاصل ڪيو، سندن قرباني هميشه ياد رکي ويندي۔

 

تبصرے بند ہیں۔