اسلام آباد: ايم ڪيو ايم، (ق) ليگ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ۾(ق) ليگ جي اڳواڻ چوڌري سالڪ، ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي، ۽ بي اي پي جي خالد مگسي فيلڊ مارشل عاصم منير جي امن جي قيام لاءِ ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ ساڻس گڏ هلڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.
سياسي اڳواڻن فتته الخوارج جي خلاف ڪارروائين ۾ شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جي وارثن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. انهي موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي ٽنهي پارٽين جي اڳواڻن کي خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي صورتحال ۽ امن جي قيام لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔